راڻي پور پراڻي بس اسٽينڊ وٽ روڊس کاتي جي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

راڻيپور(رپورٽر) راڻي پور پراڻي بس اسٽينڊ وٽ روڊس کاتي جي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج، سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي مظاھرين جي گهر ، تفصيل موجب راڻي پور جي پراڻي بس اسٽينڊ وٽ روڊس کاتي جي سرڪاري زمين ۽ بلڊنگ تي بااثرن پاران مبينا قبضي خلاف انب خان شاھاڻي، وقار شاھاڻي، مبين شاھاڻي، مظفر علي شاھاڻي، يونس شاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين سٽي پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته راڻي پور جي بااثر روڊس کاتي جي سرڪاري زمين ۽ بلڊنگ تي قبضو ڪري پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن سرڪاري زمين تي اڏاوتون ڪري رهيو آھي روڊس کاتي جون پراڻيون گاڏيون اتي پڻ بيٺل آھن جنهن ۾ رولر ٽريڪٽر ۽ ٻيون گاڏيون پراڻي دور کان بيٺل آھن. ھيء روڊس جي پراپرٽي آھي پر بااثر هجڻ ڪري ھتي ڪير به ھن کي چوڻ وارو نه آھي سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري ڪڪڙ ۽ ڪتا ٻڌا پيا آھن. سرڪاري گهٽيء تي پڻ قبضو ڪري گٽر جو نالو ٺاهي ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته قبضا مافيا بااثر هجڻ ڪري انهن خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي. اسانجي آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ روڊس کاتي جي اعليٰ عملدارن سميت ايس ايس پي خيرپور ميرس ۽ ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي اپيل آھي ته روڊس کاتي جي سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرائي قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

Read Previous

مسجد نبوي صه ۾ رمضان ۾ اجتماعي افطاري جي اجازت

Read Next

مڪاني قانون، سپريم ڪورٽ کي ڪجهه معاملن تي نظرثاني جي درخواست ڪنداسين: سعيد غني

Most Popular