بوسٽر ڊوز نه لڳرائڻ تي هزارين ملازمن جون پگهارون بند

ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جا سڄي دنيا ۾ ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، جنهن کان بچاءَ لاءِ ماهرن ڪورونا جو بوسٽر ڊوز لڳرائڻ جي صلاح ڏني آهي.

طبي ماهرن جي تجويز تي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا جو بوسٽر ڊوز لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڀارت ۾ بوسٽر ڊوز نه لڳرائڻ تي هزارين سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪيون ويون آهن.

ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور جي ضلعي انتظاميا ويڪسين جو ٽيون ڊوز نه لڳرائڻ تي 6 هزار ملازمن جون پگهارون روڪي ڇڏيون آهن.

ضلعي ڪليڪٽر موجب جن ملازمن جو اڃا تائين بوسٽر ڊوز لاءِ نالو ناهي آيو، انهن کي پگهارون جاري ڪيون وينديون، جڏهن ته رڳو انهن ملازمن کي پگهارون جاري ٿينديون، جيڪي ٽئين ڊوز جو سرٽيفڪيٽ ڏيکاريندا.

ڀارتي ميڊيا موجب سڀ کان وڌيڪ پگهارون پوليس ملازمن جون روڪيون ويون آهن، جن جو انگ 1678 آهي.

Read Previous

پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، مسلسل چوٿين فتح

Read Next

ڪينيڊين وزيراعظم ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular