نواز شريف جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو

پنجاب جي گھرو کاتي مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي طبي رپورٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو.

پنجاب جي گھرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر عارف نديم کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اهو ئي بورڊ پهريان کان نواز شريف جي صحت جي رپورٽن جو جائزو وٺي رهيو آهي.

ذريعن موجب 9 رڪني بورڊ 5 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو، اٽارني جنرل آفيس جي ليٽر تي پنجاب جي گھرو کاتي نواز شريف جي صحت بابت نوان دستاويز صحت کاتي کي موڪلي ڇڏيا آهن جڏهن ته سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ ميڊيڪل بورڊ کي هاءِڪورٽ ۾ جمع ٿيندڙ دستاويز موڪليندو.

پنجاب جي گھرو کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت جي قائم ڪيل ميڊيڪل بورڊ نواز شريف جون وڌيڪ رپورٽون طلب ڪيون هيون، اٽارني جنرل آفيس طرفان مليل خط ۾ چيو ويو آهي ته نون دستاويزن تي بورڊ کان راءِ ورتي وڃي.

Read Previous

ڀارتي آرمي چيف جي طاقت جي بنياد تي جنگ بندي جي دعويٰ بي بنياد آهي: آءِ ايس پي آر

Read Next

فاسٽ بالر محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن غيرقانوني قرار

Most Popular