فاسٽ بالر محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن غيرقانوني قرار

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي فاسٽ بولر محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب محمد حسنين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ بالنگ ايڪشن جي درستگي تائين بالنگ لاءِ معطل رهندو.

واضح رهي ته فاسٽ بالر محمد حسنين جي هڪ کان وڌيڪ بالن تي ٽيسٽ ۾ اعتراض سامهون آيو هو، سندس بالنگ ايڪشن ٽيسٽ لاهور ۾ آءِ سي سي جي منظور ٿيل بائيو ميڪينڪ ليب۾ ٿيو.

محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن آسٽريليا جي بگ بيش ليگ ۾ ان وقت رپورٽ ٿيو هو جڏهن هو سڊني ٿنڊرز جي نمائندگي ڪري رهيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حسنين پنهنجو بالنگ ايڪشن درست ڪري ٻيهر ٽيسٽ ڏيندو ۽ ٽيسٽ ڪليئر ٿيڻتي ٻيهر ايڪشن۾ نظر ايندو.

بالنگ ايڪشن جي درستگي لاءِ پي سي بي نوجوان فاسٽ بالر جو سهڪار ڪندو.

Read Previous

نواز شريف جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو

Read Next

سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب، وزيراعظم عمران خان جي شرڪت

Most Popular