آمريڪا رقم افغانستان منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

آمريڪا عالمي بينڪن کي افغانستان رقم منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

آمريڪا عالمي بينڪن کي انساني مقصدن ۽ امدادي گروپن لاءِ افغانستان ۾ رقم منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

امدادي گروپن کي طالبان تي لڳل پابندين جي ڀڃڪڙي جي ڊپ کانسواءِ سرڪاري استادن ۽ صحت جي سار سنڀال ڪندڙ ڪارڪنن کي پگهار ڏيڻ جي به اجازت هوندي.

ان ڳالهه جو اعلان آمريڪي حڪومت طرفان گذريل ڏينهن ڪيو ويو آهي.

افغانستان ۾ انساني همدردي جي ڪمن لاءِ آمريڪا جي ناڻي واري وزارت سيپٽمبر ۽ ڊسمبر ۾ مڙهيل پابندين کان ڇوٽ بابت ڪجهه هدايتون به جاري ڪيون آحن.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ تقريبن 3 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ماڻهو شديد بک جو شڪار آهن ۽ معيشت، تعليم ۽ سماجي خدمتون تباهي کي منهن ڏئي رهيون آهن.

Read Previous

سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽ جي نئين قيمت مقرر

Read Next

اميتاڀ بچن جي زال جيا بچن به ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular