ن ليگ ۽ پ پ فضل الرحمان کي مک جيان ڪڍيو: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان جي عظيم فوج دهشتگردن کي سبق سيکاري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي به ڏڦيڙ جون ڳالهيون ڪيون، انڌا خواب ڏسندڙ اپوزيشن سياسي موت مرندي.

سندس موجب مان ڪڏهن آصف زرداري کي 10 پرسنٽ نه چيو، فضل الرحمان چيو هو ته عمران خان کي مک جيان ڪڍنداسين، گذريل ڏينهن ن ليگ ۽ پ پ فضل الرحمان کي مک جيان ڪڍيو.

هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ فيٽف جا اصل جوابدار جيڪڏهن گڏ ٿي اچڻ چاهين ٿا ته بسم الله، مان اڳ چيو هو ته تاريخ تبديل ڪيو پر هاڻ چوان ٿو ته نه تبديل ڪيو.

بلوچستان ۾ پيش آيل دهشتگردي جي واقعن تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان جا 9 جوان شهيد ٿيا، 20 دهشتگرد ماريا ويا آهن، جيڪو پاڪستان ۾ معاملن ۾ هٿيار کڻندو ته پاڪ فوج ذميواريون نڀائيندي، پاڪستان جي عظيم فوج دهشتگردن کي سبق سيکاري رهي آهي، اسان دنيا ۾ قربانين جو داستان لکيو آهي.

وزيراعظم جي چين دوري بابت گهرو وزير چيو ته ڏسو ڀارتي ميڊيا عمران خان جي چين دوري تي ڪيڏي تڪليف ۾ آهي، ڀارت پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪو موقعو هٿان وڃڻ ناهي ڏيندو.

Read Previous

روس وڏي حملي جي تياري ۾ آهي: آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ

Read Next

پ پ حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول

Most Popular