آءِ ايم ايف جا پاڪستان کان ڪيل مطالبا سامهون اچي ويا

آئي ايم ايف

عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان طئي ٿيل معاهدي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان تعميراتي شعبي لاءِ مالياتي ادارن جي ايمنسٽي اسڪيم ڪنٽرول ڪري، گڏوگڏ بجلي اگهن ۾ واڌ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ايف بي آر انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال ايف بي آر لاءِ 1155 ارب رپين جو واڌو ٽيڪس جو هدف رکيو ويو آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر ٽيڪس هدف 7255 ارب رپيا تجويز ڪيو ويو آهي، پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 406 ارب رپين جي وصولين جي تجويز آهي ۽ سڌي ريت ٽيڪسن جي مد ۾ 2711 ارب رپيا وصولي جي تجويز ڏني وئي آهي.

آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي عمل مڪمل ڪري، پاڪستان مني لانڊرنگ خلاف 27 مان 26 نڪتن تي عمل ڪيو آهي، پاڪستان گڏيل قومن طرفان دهشتگرد قرار ڏنل گروپن جي اڳواڻن خلاف جاچ ڪري سزا ڏياري.

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان اي پي جي طرفان نشاندهي کانپوءِ مالياتي نظام ۾ خاميون ختم ڪري، ايندڙ مالي سال لاءِ وياج ادائيگين جي مد ۾ 3523 ارب رپين جو ڪاٿو آهي، خرچن جو ڪاٿو 12 هزار 994 ارب رپيا ۽ آمدني جو ڪاٿو 10 هزار 272 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.

Read Previous

پ پ حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول

Read Next

ڪرم ۾ افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ، 5 جوان شهيد

Most Popular