سعودي عرب اليڪٽرانڪ پاسپورٽ جاري ڪري ڇڏيو

سعودي عرب پنهنجي شهرين لاءِ نئون اليڪٽرانڪ پاسپورٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ جديد ترين ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪندي سيڪيورٽي فيچرز کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي.

سعودي جي پرڏيهي وزير شهزادا عبدلعزيز سعود بن نائف پاسپورٽ جاري ڪيو. ان حوالي سان جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽس جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل، ميجر جنرل خالد السيخان ٻڌايو ته ريڊ ايبل پاسپورٽ کان اليڪٽرانڪ پاسپورٽ طرف منتقلي جي حوالي سان اها ٽرننگ پوائنٽ آهي.

هن ٻڌايو ته نئون پاسپورٽ جديد ترين سيڪيورٽي فيچرز کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهو عالمي سول ايو ايشن آرنگنائزيشن جي گھربل معيار کان ڀيٽ به رکي ٿو.

ان پاسپورٽ ۾ هڪ چپ به لڳائي وئي آهي جنهن ۾ نجي ڄاڻ محفوظ رکڻ جي صلاحيت آهي. ان چپ ۾ڻ پاسپورٽ هولڊر جي ڊيٽا کانسواءِ ٽن مختلف ٽيڪنالوجيز ذريعي ورتل تصوير به محفوظ هوندي جڏهن ته ان ذريعي سڀني ڊجيٽل پورٽلز تي ان چپ جي ذريعي پاسپورٽ جي تصديق ڪري سگھبي.

ميجر جنرل خالد السيخان چيو ته شهري اليڪٽرانڪ پاسپورٽ لاءِ مقرر ڪيل طريقي ڪار تحت درخواستون ڏئي سگھن ٿا جڏهن ته وقت سان گڏوگڏ ريڊايبل پاسپورٽ مڪمل طور تي رد ٿي ويندو.

Read Previous

چوٿين شادي جي به گنجائش آهي

Read Next

ميهڙ جي ڀٽي روڊ ڪالوني جي رهواسي بادل چنا پنهنجي معصوم ٻارن ختيار تنيو خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular