ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جيسن راءِ مٿان ڏنڊ

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيون ۾ لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ آئوٽ ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندڙ جيسن راءِ تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي جيسن راءِ تي ميچ فيس جو 5 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

پي سي بي موجب جيسن راءِ تي ڏنڊ امپائر جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪرڻ تي لڳايو ويو آهي. ياد رهي ته جيسن روئي پي ايس ايل 7 ۾ لاهور قلندرز خلاف پهرين ميچ ۾ 116 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 205 رنسن جو هدف پورو ڪري ورتو. ليگ جي ٻئي ميچ ۾ جڏهن لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز آمهون سامهون ٿيون ته شاهين آفريدي جيسن راءِ کي ٻڙي تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. جيسن راءِ امپائر جي فيصلي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ته کيس پچ تي آئوٽ ڪيو وڃي.

Read Previous

سنجي دت اڪثر چوندو هو ته مون کي چاچا ڪوٺيندا ڪريو: عاليا ڀٽ

Read Next

اسرائيلي فوج هٿان پنهنجي گھر جي حفاظت ڪندڙ فلسطيني نوجوان شهيد

Most Popular