بابر اعظم تي ڪاوڙ ڪرڻ تي مداح وسيم اڪرم تي ڏمرجي پيا

پاڪستان سپر ليگ 7 ۾ ڪراچي ڪنگز جي هڪٻئي پويان شڪستن تي نه رڳو مداح مايوس آهن پر ٽيم جي صدر وسيم اڪرم به ڪپتان بابر اعظم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز جي ميچ جي آخري لمحن ۾ وسيم اڪرم پاڻ بائونڊري لائن تي پهچي بابر اعظم سان ڪاوڙجندي نظر آيو. هن بابر اعظم کي ڇا چيو، اها ته شوقينن کي خبر نه پئي پر اهي وسيم اڪرم مٿان ڏمرجي پيا ۽ سوشل ميڊيا تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

انسٽاگرام زبردست فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Read Next

راڻيپور: عورتن سميت معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ ذيادتين حراسمينٽ خلاف چائلڊ پروٽيڪشن سيل پاران سيمينار منعقد

Most Popular