خوشدل شاهه پنهنجي ۽ ٽيم جي ڪاميابين جو راز ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان سپر ليگ 7 ۾ هن وقت تائين پھرئين نمبر تي رهندڙ ٽيم ملتان سلطانز جي آل رائونڊر خوشدل شاهه پنهنجي ٽيم جي مسلسل ڪاميابين جو راز ٻڌائي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خوشدل شاهه چيو ته ڪيپٽن محمد رضوان گرائونڊ تي سڀني کي خوش رکندو آهي ۽ نرم لهجي ۾ سڀني کي سمجهائيندو آهي.

هن بالنگ تي اعتماد جو ڪريڊٽ محمد رضوان کي ڏنو ۽ چيو ته پي ايس ايل ۾ سندس بالنگ سٺي ٿي رهي آهي، محمد رضوان بنگلاديش ۾ به بالنگ ڪرڻ جو چيو هو، پي ايس ايل کان اڳ هن بنگلاديش ۾ چيو هو ته اوور لاءِ تيار رهو.

خوشدل چيو ته ڪيريئر جي شروعات کان ئي آئون بيٽنگ سان گڏ بالنگ ڪندو رهيو آهيان، منهنجي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي بالنگ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهان، بالنگ جيتري بهتر ٿيندي، اوترو ئي منهنجو ڪيريئر بهتر ٿيندو.

هن چيو ته ملتان سلطانز جي گذريل سال کان سٺي ڪارڪردگي جو سبب هڪ ٽيم يونٽ طور کيڏڻ آهي، ٽيم جي مالڪ ۽ انتظاميا هميشه رانديگرن کي اعتماد ڏنو آهي، انتظاميا رانديگرن کي پرسڪون رکي ٿي، ٽيم ۾ هر ڪو مثبت آهي ۽ هڪ ٻئي کي سپورٽ ڪري ٿو.

Read Previous

پريانڪا چوپڙا پيءَ جي ياد ۾ جذباتي ٿي وئي

Read Next

برطانوي راڻي الزبٿ ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular