اڳوڻي مس يوڪرين به ملڪ جي دفاع لاءِ هٿيار کڻي ورتا

روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي معاملي تي اڳوڻي مس يوڪرين به ميدان ۾ اچي وئي.

يوڪرين تي روس جي حملن ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ يوڪريني تخت گاهه ڪيف سميت مختلف شهرن ۾ ويڙهه جاري آهي.

پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور ملڪ روس خلاف ملڪي دفاع ۾ يوڪريني عوام به ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي ۽ هاڻ اڳوڻي مس يوڪرين انستاسيا لينا به هٿيار کڻي ورتا آهن.

2015 ۾ مس يوڪرين جو ايوارڊ کٽيندڙ سندري انستاسينا لينا انسٽاگرام تي تصويرون پوسٽ ڪيون آهن، جن ۾ هوءَ هٿيار کڻي ڪيف جي جنگ سان متاثر علائقي ۾ پوزيشن سنڀالي بيٺي آهي.

Read Previous

آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 3 سال مڪمل، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو: آءِ ايس پي آر

Read Next

اکين جي ڳاڙهاڻ کي معمولي نه سمجهو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular