وزيراعظم جو پيٽرول ۽ ڊيزل 10-10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان قوم سان خطاب دوران پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

قوم سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي خوف آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه في الحال هيٺ نه ايندا ۽ گئس جي قيمت به مٿي ويندي، گڏوگڏ روس کان اسان کي ڪڻڪ وٺڻي آهي، اها به مهانگي ٿي وئي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت هاڻ به گهٽ آهي، جيڪڏهن حڪومت سبسڊي نه ڏئي ها ته پاڪستان ۾ اڄ پيٽرول جي قيمت 220 رپيا في ليٽر هجي ها پر اڄ مان قوم کي خوشخبري ڏئي رهيو آهيان ته قيمت وڌائڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10-10 رپيا في ليٽر گهٽتائيءَ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.

هن چيو ته اسان في يونٽ بجلي به 5 رپيا سستي ڪري رهيا آهيون ۽ ٻين جاين تان سبسڊي ختم ڪري ان شعبي ۾ قوم کي رليف ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ تائين پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي اگهن ۾ ڪا به واڌ نه ڪنداسين پر انهن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ڪنداسين.

Read Previous

حڪومت مخالف مارچ ۾ شريڪ شيري رحمان وڏي حادثي کان ذري تان بچي وئي

Read Next

مدئجي ۾ جوڻيجا – ڪلهوڙا تڪرار تان فائرنگ، 9 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular