مدئجي ۾ جوڻيجا – ڪلهوڙا تڪرار تان فائرنگ، 9 ڄڻا مارجي ويا

مدئجي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.

مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جيڪو وري ڀڙڪي پيو ۽ ڌرين هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

ڌرين طرفان مورچا بند ٿي هڪٻئي تي جديد هٿيار سان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا مارجي ويا، جهيڙي سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ ماڻهن ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي.

مارجي ويلن ۾ مدن جوڻيجو، مرزا جوڻيجو، معشوق جوڻيجو، عاشق مڱڻيجو، علي رضا جوڻيجو، بادل ڪلهوڙو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ جهيڙو فصل جي ڀيل تان ٿيو، مارجي ويلن ۾ مدن، مرزا ۽ معشوق جوڻيجو ڀائر آهن.

هوڏانهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي پر ڇڪتاڻ اڃا برقرار آهي.

Read Previous

وزيراعظم جو پيٽرول ۽ ڊيزل 10-10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان

Read Next

روس جي تازي حملي ۾ 70 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارجي ويا

Most Popular