واٽس ايپ جا واهيپدارن لاءِ انتهائي اهم فيچر متعارف

اسمارٽ فون جي ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ گذريل هفتي به ڪجهه تبديليون آنديون هيون ۽ هاڻي ڊيسڪ ٽاپ واهپيدارن لاءِ نوان فيچرز آندا آهن.

هڪ ويب سائيٽ موجب ميسيج ري ايڪشنز جي نالي سان هن فيچر کي هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين ڊيسڪ ٽاپ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

هن فيچر سان اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدار ڊيسڪ ٽاپ ورزن استعمال ڪندي ڪنهن به پيغام تي ري ايڪشن ڏئي سگهندا.

ان کانسواءِ واٽس ايپ ايندڙ اپ ڊيٽ ۾ ڪال لنڪ جي نالي سان هڪ فيچر پيش ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن فيچر جي مدد سان واهپيدار وائيس ڪال ۾ تيزي سان شامل ٿي سگهندا.

رپورٽ موجب واٽس ايپ هڪ نئين شارٽ ڪٽ تي به ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي استعمال ڪندڙ اسٽيٽس اپ ڊيٽ جي پرائيويسي سيٽنگز کي تيزي سان مينيج ڪري سگهبو.

شروعاتي طور تي هن فيچر کي ايندڙ اپ ڊيٽ ۾ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته هن کي واٽس ايپ بيٽا آءِ او ايس لاءِ به جاري ڪرڻ جي منصوباندي ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر ۾ شادي بابت اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ نه کيڏڻ تي افسوس آهي: عثمان خواجا

Most Popular