ام رباب پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي جنهن جي ٻڌڻي 7 مارچ تي رکي وئي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميهڙ ڪيس ۾ نامزد پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي ۽ اسين عدليه مان پراميد آهيون ڇاڪاڻ اسان وٽ مضبوط موقف آهي، هي جوابدار جاگيردار ۽ سردار جيڪي اندر عدالتون ٺاهي ويٺا آهن هو سمجهن ٿا ته اهي قانون کان بالاتر آهن پر پاڪستان جي عدليه مظلومن جي واحد اميد آهي ۽ اسين عدالتن تي يقين رکون ٿا، تازو ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي ضمانت رد ٿي ۽ اهڙي طريقي سان سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ٿيندي.

Read Previous

ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ نه کيڏڻ تي افسوس آهي: عثمان خواجا

Read Next

عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي، ڪرسي ڇڏي لنڊن ڀڄڻ وارو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular