روس، يوڪرين سان امن ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ تيار

ڪريملن اختيارين چيو آهي ته روس يوڪرين سان ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي.

روسي ۽ يوڪريني اختيارين وچ ۾ امن ڳالهين جو ٻيو دور اربع جي شام ٿيڻ طئي آهي، ٻه ڏينهن اڳ اهڙيون ئي امن ڳالهيون بيلاروس ۽ يوڪرين جي سرحد تي ٿيون هيون، جيڪا بنا نتيجي پڄاڻي تي پهتيون.

يوڪرين تي روسي حملي جا 7 ڏينهن مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ گذريل ڏينهن ئي روس جي بچاءَ واري وزير چيو هو ته يوڪرين کي ”غير عسڪري“ بڻائڻ تائين فوجي ڪارروائي جاري رهندي.

هيل تائين ان فوجي ڪارروائي ۾ سوين عام شهري مارجي چڪا آهن، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.

Read Previous

عمران خان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي، ڪرسي ڇڏي لنڊن ڀڄڻ وارو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

پاڪ – آسٽريليا ٽيسٽ سيريز لاءِ ”بينو قادر“ ٽرافي متعارف

Most Popular