جيترو ٽيڪس ڏيندئو اهو هيٺئين طبقي تي لڳائيندس: وزيراعظم جو قوم سان نئون واعدو

عمران خان

وزيراعظم عمران خان قوم سان واعدو ڪيو آهي ته شهري جيترو ٽيڪس ڏيندا، اهو هيٺئين طبقي تي لڳائينداسين.

اسلام آباد ۾ بنا وياج قرض جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو هو، اسان کي مثالي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻو هو پر اهو افسوسناڪ آهي ته 1947 ۾ جيڪو اسان جو قبلو هجڻ گهربو هو، ان تي نه هلي سگهياسين، پاڪساتن جنهن نظريي تي ٺهيو هو، ان تي نه هلي سگهياسين ۽ جيڪو انسان پنهنجي نظريي تان هٽندو آهي اهو ڀٽڪي ويندو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، اسان وٽ پئسو وڌيڪ آيو، جنهن تي بجلي جو في يونٽ 5 رپيا ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل 10 رپيا سستو ڪيو سين.

سندس چوڻ هو ته مان قوم کي چوان ٿو ته جيترو ٽيڪس ڏيندئو اهو پئسو هيٺين سطح تي لڳائيندس، وياج بنا قرض ڏنا پيا وڃن، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ 20 لک رپين جو قرض بنا وياج جي ڏئي رهيا آهيون، اسان جو مقصد ماڻهن کي پيرن تي بيهارڻ آهي.

وزيراعظم چيو ته هر شهر ۾ ڪچيون آباديون وڌنديون پيون وڃن، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ڪچي آبادي آهي، لاهور ۾ به ڪچيون آباديون وڌي رهيون آهن، قرض بنا وياج ان ڪري ڏئي رهيا آهيون ته جيئن غريب ماڻهو به پنهنجي گهر جو خواب ڏسي سگهي.

Read Previous

پاڪ – آسٽريليا ٽيسٽ سيريز لاءِ ”بينو قادر“ ٽرافي متعارف

Read Next

هاڻي نڪاح مهل گهوٽ ڪنوار کي ختم نبوت صه تي ايمان جو حلف ڏيڻو پوندو

Most Popular