هاڻي نڪاح مهل گهوٽ ڪنوار کي ختم نبوت صه تي ايمان جو حلف ڏيڻو پوندو

پنجاب ڪابينا مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961 تحت ويشٽ پاڪستان رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪابينا نڪاح نامي  ۾ ختم نبوت صه جي حلف نامي جي شق شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن کانپوءِ نڪاح وقت گهوٽ ڪنوار کي ختم نبوت صه تي ايمان جو حلف ڏيڻو پوندو.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو 51هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا مختلف منظوريون ڏنيون.

ڪابينا مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961 تحت ويسٽ پاڪستان رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏني ۽ نڪاح نامي ۾ ختم نبوت صه جي حلف نامي جي شق شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن کانپوءِ نڪاح مهل گهوٽ ڪنوار کي ختم نبوت صه تي ايمان جو حلف ڏيڻو پوندو.

پنجاب ڪابينا عدالتي حڪمن تحت رولو ڪتن لاءِ برٿ ڪنٽرول پاليسي ۽ پوليس ۾ سينيئر ڪلاڪ اڪائونٽس بي ايس 14 جون 720 جايون ڀرڻ جي به منظوري ڏني.

Read Previous

جيترو ٽيڪس ڏيندئو اهو هيٺئين طبقي تي لڳائيندس: وزيراعظم جو قوم سان نئون واعدو

Read Next

فنڪارن تي تنقيد: مهوش حيات سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪڙڪي پئي

Most Popular