صحافتي تنظيمن جو پيڪا آرڊيننس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

صحافتي تنظيمن پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ (پيڪا) ترميمي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ ايمينڊ گڏيل طور تي درخواست داخل ڪئي آهي.

صحافتي تنظيمن سينيئر قانوندان منير اي ملڪ ذريعي داخل درخواست ۾ پيڪا ترميمي آرڊيننس کي چئلينج ڪيو، جنهن ۾ ڪابينا سيڪريٽري، اطلاعات واري وزارت، آءِ ٽي وزارت ۽ قانون واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميمي آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 19 اي ۾ ڏنل بنيادي حقن جي ابتڙ آهي.

درخواست موجب 18 فيبروري تي صدر پيڪا ايڪٽ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪيو، اهو بنيادي حقن ۽ آئين جي ڪيترن ئي آرٽيڪلز سان ٽڪراءُ آهي، جيڪو سيلف سينسر شپ کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندو، جڏهن ته آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ صدر وٽ مناسب جواز هجڻ ضروري آهي.

صحافتي تنظيمن جي درخواست ۾ پيڪا ترميمي آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

Read Previous

اهڙو موبائيل فون اچي ويو، جيڪو اڳ ڪنهن نه ٺاهيو هو

Read Next

چانگ گمبٽ ڀرسان صوبيدار جي پٽ جو پورھيت مٿان تشدد متاثرن جو گمبٽ ميڊياسينٽر تي احتجاج

Most Popular