حڪومت جو گهيرو تنگ، نواز شريف به بي اعتمادي تي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي اپوزيشن کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قائد نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف، آصف علي زرداري کي عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي اپوزيشن جي ٽن وڏن ۾ بنا دير چونڊن تي اتفاق جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ بنا دير چونڊن بدران آئيني مدو پورو ڪرڻ تي ضد ڪري رهي هئي ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن به آئيني مدو پورو ڪرڻ جو چارٽر آف ڊمانڊ ڏنو هو.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ فوري طور چونڊن تي راضي نه هيون ۽ پ پ حڪومتي اتحادي جماعتن جي موقف جي حامي هئي پر هاڻ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي اپوزيشن ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي ۽ پي ڊي ايم پ پ کي فوري طور چونڊن لاءِ راضي ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جماعتن تي ڊيڊ لاڪ سبب ئي بي اعتمادي رٿ جو معاملو رولڙي جو شڪار ٿيو هو.

Read Previous

آفريدي، ڏاهاڻي کي پاڻ جهڙو ڪامياب ڪرڪيٽر ڏسڻ لاءِ دعاڳو

Read Next

پاڪستان ڪلڀوشن جي وڪيل لاءِ ڀارت کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو

Most Popular