پشاور ڌماڪو: وزيراعظم سميت حڪومتي ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي مذمت

عمران خان

وزيراعظم عمران خان، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سميت اپوزيشن اڳواڻن پشاور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

پشاور جي علائقي قصا خواني بازار جي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 56 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 194 زخمي ٿي پيا آهن.

وزيراعظم عمران خان پشاور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

هن زخمين کي فوري طور امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پشاور ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن معصوم نمازين کي نشانو بڻائي انسانيت تي حملو ڪيو.

Read Previous

”بلوچ شاگردن جو آواز دٻائيندڙن خلاف بغاوت جا پرچا ٿيڻ گهرجن“

Read Next

پنڊي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن پاڪستان جي نانءِ، هڪ وڪيٽ تي 245 رنسون

Most Popular