اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي.

بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ن ليگ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.

قومي اسيمبلي اجلاس جي ريڪوزيشن ۽ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ شاهدا اختر علي، مريم اورنگزيب، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، شازيا مري، نويد قمر، راڻا ثناءُ الله ۽ اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهتا هئا.

بي اعتمادي رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اسٽاف وصول ڪئي ۽ قاعدن موجب اسپيڪر گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن کانپوءِ ۽ 7 ڏينهن کان اڳ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي.

ان کان اڳ ن ليگ صدر شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ليگي ميمبرن بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ٺهراءَ تي صحيحون ڪيون.

اجلاس ۾ ليگي قيادت سڀني ميمبرن کي شروعاتي طور تي ايندڙ 20 ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪري رهيا آهيون، حڪومت کي تاريخي شڪست ٿيندي.

Read Previous

ڪپتان هر وقت تيار رهندو آهي، جيستائين جيئرو آهيان اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم

Read Next

”عمران خان جي جاءِ تي ڪنهن شريف انسان کي وزيراعظم بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي“

Most Popular