”عمران خان جي جاءِ تي ڪنهن شريف انسان کي وزيراعظم بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي“

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم کي ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻ ڪنهن شريف انسان کي عمران خان جي جاءِ تي وزيراعظم آڻينداسين.

اسلام آباد ۾ لانگ مارچ سان خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پنهنجي دشمنن ۽ پيار ڪندڙن کي به سڃاڻان ٿو، عمران خان کي گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.

هن چيو ته اسان عوام جي غريبي ۽ ڏکيائين کي ختم ڪنداسين، مهانگائي ختم ڪنداسين ۽ عوام کي سڪون فراهم ڪنداسين.

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊي چوڪ تي  پهچي عوام کي خوشخبري ڏينداسين.

هوڏانهن اپوزيشن جماعتن وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

Read Previous

اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

Read Next

نسلا ٽاور جو بلڊر لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular