عورتن ۾ دنيا تبديل ڪرڻ جي طاقت آهي: شاهد آفريدي

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام شيئر ڪيو.

مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي آفريدي پنهنجي زال ۽ پنجن ڌيئرن سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ پنهنجي پيغام ۾ عورتن کي ڪائنات جي پرورش ڪندڙ قوت قرار ڏنو.

شاهد آفريدي لکيو ته توهان ڪائنات کي زندهه، وڌيڪ رنگين ۽ متاثر ڪندڙ بڻائي ڇڏيو.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته 5 ڌيئرن جو پيءُ هجڻ جي ڪري فخر سان چئي سگهان ٿو ته عورتن ۾ دنيا کي تبديل ڪرڻ جي طاقت آهي.

آفريدي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اچو ته اهو ڏينهن ملهايون ۽ سندن حمايت ڪيون.

Read Previous

ڪنگنا رناوت جي زندگي ڪيئن تبديل ٿي؟

Read Next

عبدالله شفيق ۽ امام الحق 51 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

Most Popular