ڪراچي: وزيراعظم جي ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات

وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز بهادر آباد پهتو، ملاقات دوران اتحادي جماعت وزيراعظم سامهون ٻه وڏا مطالبا رکي ڇڏيا.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان بند آفيسون کولڻ ۽ گم ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو رکيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي ڪراچي پيڪيج تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

اهو عمران خان جو وزيراعظم طور ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز جو پهريون دورو هو، ان دوران وفاقي وزير علي زيدي، اسد عمر، شاهه محمود قريشي ۽ سنڌ گورنر عمران اسماعيل به ساڻس گڏ هئا.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جي ڊي اي ميمبرن سان ملاقات لاءِ گورنر هائوس پهتو، جتي شهريار منور، حسنين مرزا، معظم عباسي، نصرت سحر عباسي، رفيق ٻانڀڻ ۽ رزاق راهمون وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.

Read Previous

مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان، هيءَ اپوزيشن جي آخري واردات هوندي: وزيراعظم

Read Next

مريم نواز جي شاعراڻي انداز ۾ وزيراعظم تي ٽوڪ

Most Popular