روس جا يوڪرين مٿان حملا جاري، پل ۽ ايئرپورٽ تباهه، وڌيڪ ٽي شهري مارجي ويا

روس جا يوڪرين جي شهرن خارڪيف، چرنيهيف ۽ ماريوپول تي حملا جاري آهن. جڏهن ته گادي واري شهر ڪيف ۾ به جنگ جاري آهي. يوڪرين جي صدارتي ترجمان موجب روس جي حملن ۾ وينيسا ايئرپورٽ مڪمل تباهه ٿي ويو آهي.

روسي صدر ترڪ ۽ فرانسيسي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ يوڪرين ۾ جنگبندي تي زور ڏنو ويو. روسي صدر جواب ڏنو ته يوڪرين طرفان جنگبندي ڪرڻ سان ئي يوڪرين ۾ فوجي آپريشن ختم ڪنداسين ڪيئن به ڪري روس پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهندو.
جنگ وارن علائقن مان شهرين جو لڏ پلاڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ يوڪرين مٿان 24 فيبروري کان روس جي حملن کان پوءِ هينئر تائين 10 لک کان وڌيڪ پناهگير پولينڊ ۾ داخل ٿي چڪا آهن. روسي فوج جي حملي جي صورت ۾ مزاحمت لاءِ يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي اهم روڊن تي چوڪيون ٺاهيون ويون آهن.

Read Previous

شاهنواز ڏاهاڻي جي سنڌي گاني ”جيئي سنڌ جيئي“ ڳائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

Read Next

وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ: قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر کي چوڏنهن مارچ تي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

Most Popular