پاڪستان ۾ بولڊ سين نٿا ڪري سگهون، ٻيهر ڀارت وينديس: صبا قبر

ناليواري اداڪارا صبا قمر چيو آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني انٽرنيٽ مواد ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿيو آهي پر پاڪستان ۾ پابنديون لاڳو آهن ۽ هتي بولڊ سين نٿا ڪري سگهجن.

هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن جي تعريف ڪئي، هن ٻيهر ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته خدا چاهيو ته ٻيهر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ وينديس.

اداڪارا عرفان خان سان فلم ”هندي ميڊيم“ ۾ ڪم ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته جڏهن فلم جي تعريف وديا بالن ڪئي ته مان پاڻ کي اڏامندي محسوس ڪيو.

صبا قمر موجب هندي ميڊيم ۾ ڪم جي ڪري کيس فلم فيئر ايوارڊ لاءِ ڪنگنا رناوت، وديا بالن، سري ديوي ۽ عاليا ڀٽ سان نامزد ڪيو ويو ۽ هوءَ انهن سمورين اداڪارائن جا ٿورا مڃڻ چاهي ٿي.

هن پاڪستاني ۽ ڀارتي مواد جي ڀيٽ تي اعتراف ڪيو ته ڀارتي مواد بهتر آهي ۽ اتي هاڻي اوهان ڪردارن کي حقيقي روپ ڏئي رهيا آهيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃا اهڙو مواد تيار ناهي ٿي رهيو.

صبا قمر موجب پاڪستان ۾ پابنديون آهن، اتي بولڊ سين نٿا ڪري سگهجن پر پاڪستان ۾ بولڊ موضوعن تي ڳالهائڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن مان ماڻهو گهڻو سکي رهيا آهن.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ جو انقلابي قدم، واهپيدارن جي زندگي تبديل ٿي ويندي!

Read Next

پنڊي ٽيسٽ جي ڊيڊ پِچ، آءِ سي سي سخت قدم کڻي ورتو

Most Popular