جنرل باجوا، فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ کان روڪيو آهي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي آرمي چيف جنرل قمر جاويدا باجوا، فضل الرحمان کي ڊيزل چوڻ کان روڪيو آهي پر مان نه عوام کيس ڊيزل چئي رهيو آهي.

لوئر دير ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي دوران ماڻهن ڊيزل ڊيزل جا نعرا هنيا، جنهن تي وزيراعظم چيو ته منهنجي آرمي چيف جنرل قمر جاويدا باجوا سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئو، ان جو اهو نالو مان نه عوام رکيو آهي، عوام کيس ڊيزل چئي رهيو آهي.

سندس موجب پريس ڪانفرنس ۾ ڊيزل چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي ادارن کي ٺيڪ ڪنداسين، معنيٰ فوج کي ٺيڪ ڪنداسين، پاڪستان جيڪڏهن بچيل آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ مضبوط فوج آهي، مسلمان دنيا ۾ سڀ کان طاقتور فوج اسان جي آهي ۽ ان فوج جي پويان ڪير پيو آهي؟

هن چيو ته توهان اداڪارا ڪيئن ٺيڪ ڪندئو؟ توهان ٽنهي جنهن اداري ۾ هٿ وڌو ان کي تباهه ڪري ڇڏيو، عدالتن تي حملا ڪيا، ججن کي خريد ڪيو، ميڊيا کي رشوت ڏني، جيڪو ملڪ ٻاهر ويٺو آهي، ان جي نالي چيو ويو ته ان کي ڀڳوڙو نه چيو، هو ڀڳوڙو به آهي ۽ ڪوڙو به آهي، جيڪو بيماري جو چئي ٻاهر هليو ويو.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هجڻ گهرجي: شوڪت ترين

Most Popular