”تاريخ ۾ ايڏو پريشان وزيراعظم ناهي ڏٺو، ڊڄڻو عمران خان سڀني کي گاريون پيو ڏئي“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي تي رڳو اپوزيشن نه پر عوام به اسان سان گڏ آهي، سموريون جمهوري قوتون غير جمهوري شخص خلاف پنهنجو حق استعمال ڪري رهيون آهن، ملڪ کي جهنگ جي قانون تحت نٿو هلائي سگهجي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم وائڙو ٿي ويو آهي، گارين تي لهي آيو آهي، لانگ مارچ ثابت ڪري ڇڏيو ته حڪومت عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي ووٽ جو حق ڏنو و ڃي، وزيراعظم جا نمائندا اعلان ڪري رهيا آهن ته اسان ووٽ نه ڏينداسين.

هن چيو ته حڪومت تي چوڻ تي پوليس پارليامينٽ ۾ داخل ٿي ۽ اسيمبلي ميمبرن کي گهليو، ان سان دنيا کي ڪهڙو پيغام ويندو، قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ جو حق يقيني بڻائين.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي، مان پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو پريشان وزيراعظم ڪڏهن ناهي ڏٺو، ايترو ڊنل آهي جو هر شخص کي گاريون ڏيڻ تي مجبور آهي، عمران خان کي چئلينج ٿو ڪيان ته پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏئي، جيڪو شخص پنهنجي ميمبرن تي اعتماد نٿو ڪري سگهي اهو حڪومت ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ اسان جا نمبر پورا نه هجن ها ته عمران خان ايڏو پريشان نه هجي ها.

Read Previous

ن ليگ جو شاهراهه دستور تي 20 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان

Read Next

سعودي عرب ۾ 81 ڏوهارين کي موت جي سزا

Most Popular