آمريڪي پابندين جي جواب ۾ روس جو وڏو فيصلو

Usa vs Russia. Versus USA VS Russia concept. The concept of relations between States, economic community, politics. Vector illustration

روس آمريڪي صدر جو بائيڊن جي ملڪ داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين تي حملي کانپوءِ پابندين جي جواب ۾ روس طرفان آمريڪي صدر جي ملڪ داخلا تي پابندي هنئي وئي آهي.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته روس طرفان 13 ڄڻن تي ٻڌل فهرست جاري ڪئي وئي آهي، اهڙا ماڻهو روس ۾ داخل نه ٿي سگهندا.

روسي پرڏيهي وزير موجب بائيڊن سان گڏوگڏ آمريڪي پرڏيهي وزير، بچاءَ وارو وزير به اسان جي ملڪ داخل نه ٿيندو.

واضح رهي ته آمريڪا اڄ ئي روسي جج سميت 4 روسي شخصيتن ۽ هڪ ڪمپني تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن.

Read Previous

بابر اعظم، عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ، ڪراچي ٽيسٽ ڊرا

Read Next

حڪومت سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪورونا پابندين جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular