مونس الاهي جي گرفتاري، نيب جو موقف سامهون اچي ويو

نيب وفاقي وزير مونس الاهي جي گرفتاري جي حوالي سان وضاحت ڏئي ڇڏي.

قومي احتساب بيورو طرفان چيو ويو آهي ته وفاقي وزير مونس الاهي جي گرفتاريءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پرويز الاهي هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان تحريڪ انصاف سان وفاداري ڪئي پر انهن جي طرفان ڌمڪيون اچي رهيون آهن.

سندس موجب نيب کي چيو ويو آهي ته مونس کي پڪڙيو، خان صاحب سڀني سان ٺڳي ڪئي آهي، ساڍن ٽن سالن ۾ هن ڪا ڪارڪردگي نه ڏيکاري.

ان حوالي سان نيب وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي وزير مونس الاهي خلاف هن وقت ڪا انڪوائري نه پئي هلي، سندس گرفتاري جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

نيب جي پڌرائيءَ ۾ اهڙين اڳڪٿين کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته اسان مونس الاهي کي گرفتار ڪرڻ بابت ميڊيا رپورٽن جي سختي سان ترديد ڪيون ٿا.

Read Previous

ق ليگ حڪومت سان گڏ آهي يا نه؟ پرويز الاهي واضح ڪري ڇڏيو

Read Next

ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ هوشيار! عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular