مٽياري ۽ ڀرپاسي ۾ پوکيل هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل لهڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچي چڪو آهي

مٽياري ۽ ڀرپاسي ۾ پوکيل هزارين ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل لهڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچي چڪو آهي پر ان جي باوجود زراعت کاتي مٽياري ضلعي سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ کنڊو ، ڀائو خان پٺاڻ، اڏيرولال وليج، نوبت مري، پليجاڻي، کيبر، شير محمد ٺوڙها، الهڏنو ساند ۽ سيکاٽ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز نه کلي سگهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاران ڪڻڪ جو اعلانيل اگهه 22 سو رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي، نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ بعد مقامي واپارين هڪ هٽي قائم ڪندي آبادگارن کان في مڻ ڪڻڪ 14 سو رپيا خريد ڪري کين ٻنهين هٿن سان ڦري رهيا آهن. ٻئي طرف اُهو به معلوم ٿيو آهي ته فوڊ کاتي مٽياري ۽ مقامي واپارين جي پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ هجڻ ڪري ڄاڻي واڻي ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز دير سان کوليا وڃن ٿا ته جيئن آبادگار وونئڻن جي پوکي جي خرچ لاءِ مجبور ٿي ڪڻڪ مقامي واپارين کي سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿين ۽ بعد ۾ واپارين پاران اها خريد ڪيل ڪڻڪ فرضي زميندارن جي نالن سان خريد ڪيل ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ ريتي ملائي اُها فوڊ کاتي وارن کي حصي پتي جي حساب سان وڪرو ڪري ڏني وڃي ٿي. نتيجي ۾ آبادگارن کي وڏي پيماني تي نقصان پئجي رهيو آهي. اُهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪڻڪ جي في ايڪڙ جي پوکي تي 35 کان 40 هزار رپيا خرچ اچي ٿو ۽ مناسب اگهه نه ملڻ ڪري آبادگار مقامي واپارين جا قرضدار بڻجيو وڃن، جنهن جو ڪارڻ زراعت کاتو آهي. هتان جي ننڍن کاتيدارن توڙي زميندارن خوراڪ کاتي جي اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن اسان جي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي وڃي ٿي ته پوءِ خريداري سينٽر کوليا وڃن ٿا، جنهن جو فائدو وري به ناجائز منافعي خورن کي پهچي ٿو. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪڻڪ جي خريداري جا فوري طور تي مرڪز قائم ڪري آبادگارن کان سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ هوشيار! عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ هوشيار! عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular