آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊن جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊن جو الڳ الڳ اعلان ڪري ڇڏيو.

ليفٽ آرم اسپنر آصف آفريدي ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث قومي اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويا آهن، ٻنهي کي ڊوميسٽڪ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي وائيٽ بال ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن انجريءَ سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿيندڙ محمد نواز به مڪمل طور فٽ ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس وائيٽ بال سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اعلانيل 20 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، آصف آفريدي، آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، افتخار احمد، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد حارث، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، سعود شڪيل، شاهين آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر شامل آهن.

Read Previous

هندو انتهاپسند بالي ووڊ خانن خلاف اُٿي پيا، سئنيمائن تي حملا

Read Next

جاپان ۾ 7.3 شدت جو زلزلو، سونامي جي وارننگ جاري

Most Popular