مشهور ڪمپني ثنا جاويد کي وڏو ڌڪ ڏئي ڇڏيو

مختلف ماڊلز، ميڪ اپ آرٽسٽن، اسٽائلسٽن ۽ اداڪارائن پاران اداڪارا ثنا جاويد تي نامناسب روين جا الزام لڳڻ کانپوءِ مشهور ڪپڙن جي برانڊ ”رنگ رسيا“ اداڪارا کي پنهنجي پروموشنل مهم کان الڳ ڪري ڇڏيو.

رنگ رسيا 15 مارچ تي هڪ انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو ته برانڊ ثنا جاويد جي خلاف بدانتظامي جي الزامن تي سخت پريشان آهي.

برانڊ موجب مختلف ماڻهن پاران لڳايل ڳنڀير الزامن کي نظر ۾ رکندي ڪمپني ثنا جاويد کي پنهنجي اشتهاري مهم مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته تازو ئي منال سليم ۽ ثنا جاويد سان گڏ عيد ڪليڪشن ”رنگ رسيا“ لاءِ پروموشنل مهم شروع ڪئي وئي هئي ۽ ڪيترائي فوٽو شوٽ پڻ ڪرايا ويا هئا پر هاڻ هو پروموشنل مهم جو هڪ ٻيو فوٽو شوٽ ڪرائيندي.

ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته اها هاڻي هڪ نئين چهري سان عيد ڪليڪشن جي پروموشنل مهم جي شوٽنگ ڪندي.

رنگ رسيا ان معاملي تي فيشن انڊسٽري سان لاڳاپيل ٻين برانڊز کي به خبردار ڪيو ۽ چيو ته برانڊز کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

”رنگ رسيا“ پنهنجي پيغام ۾ ثنا جاويد تي لڳايل الزامن کي سچ يا ڪوڙ قرار نه ڏنو ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪجهه چيو، ڪمپني موجب الزامن کانپوءِ اداڪارا کي پبلسٽي مهم تان هٽايو پيو وڃي.

واضح رهي ته ثنا جاويد مبينا طور تي ”رنگ رسيا“ مهم دوران منال سليم سان بدتميزي ڪئي هئي، ماڊل منال سليم شروعات ۾ ثنا جاويد جي خلاف هڪ اسٽوري شيئر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٻين به ثنا جاويد خلاف آواز اٿاريو.

اسٽوري شيئر ڪرڻ کانپوءِ ميڪ اپ آرٽسٽ عمير وقار به اسٽوري شيئر ڪئي پر هن به اداڪاره جو نالو نه لکيو.

منال سليم جي اسٽوري ميڪ اپ آرٽسٽ اڪرام گوهر به شيئر ڪئي، جنهن لکيو ته کيس خبر آهي ته هوءَ اداڪارا ثنا جاويد بابت ڳالهائي رهي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن ثنا جاويد جي حمايت به ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هو اداڪارا کي ڪافي عرصي کان سڃاڻن ٿا ۽ اداڪارا ڪڏهن به ساڻس خراب سلوڪ ناهي ڪيو.

ثنا جاويد عمير وقار، ماڊل منال سليم ۽ اسٽائلسٽ علينا مرتضيٰ کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو هو ۽ قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو.

ثنا جاويد جي نوٽيس جو جواب ڏيندي عمير وقار ۽ علينا مرتضيٰ سندس ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو هو ته هن اداڪاره جو نالو وٺي مٿس تنقيد ڪئي هئي.

Read Previous

گورنر هائوس ڪراچي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر

Read Next

جمائما گولڊ اسمٿ زخمي ٿي پئي

Most Popular