”لڳي ٿو روزو کولڻ جو وقت اچي ويو آهي“ چوڌري نثار خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ملڪ ۾ پيدا ٿيل سياسي صورتحال تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان به خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

پنهنجي تڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي چوڌري نٿار چيو ته وڏن عهدن جون جيتريون آڇون مون کي ٿيون، ايتريون ڪنهن کي نه ٿيون پر مان 4 سالن کان اقتدار جو روزو رکيو آهي، هاڻ لڳي رهيو آهي ته تمام جلد پنهنجي تڪ جي عوام سان روزو کوليندس.

هن چيو ماڻهو ته اقتدار خاطر جوتا کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن پر مان نه ڪڏهن ضمير جو سودو ڪيو ۽ نه ڪو مون کي ٻه نمبر چوندو.

واضح رهي ته چوڌري نثار 2018 ۾ ن ليگ کان ڌار ٿيو هو، هن عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان حصو ورتو ۽ پنجاب اسيمبلي ميمبر چونڊيو هو.

هن ٽن سالن تائين پنهنجي اسيمبلي رڪنيت جو حلف نه کنيو هو پر کيس گذريل سال مئي ۾ ان وقت حلف کڻڻو پئجي ويو، جڏهن حڪومت ڪنهن ميمبر جي حلف نه کڻڻ تي ان جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

زويا ناصر جو ننڍي عمر ۾ ئي شادي ۽ طلاق ٿيڻ جو انڪشاف

Read Next

روس جي يوڪرين خلاف هائپر سونڪ ميزائل استعمال ڪرڻ جي دعويٰ

Most Popular