دپيڪا آڏو ننڍو ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيم: صبا قمر جو انڪشاف

ناليواري اداڪارا صبا قمر انڪشاف ڪيو آهي ته کيس بالي ووڊ سپر اسٽار دپيڪا پڊوڪون سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي.

هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر چيو ته شروعات ۾ مون کي فلم ۾ تمام سٺيون ڪم جون آڇون مليون، لالي ووڊ مان سيد نور، جاويد شيخ ۽ بالي ووڊ مان امتياز علي ڪيترائي ڀيرا فلم جي آڇ ڪئي.

اداڪارا چيو ته ماضي ۾ مون کي گهر وارن کان ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هئي، ان ڪري فلمون نه ٺاهي سگهيس پر هاڻي صورتحال مختلف آهي، مان هاڻي پاڻ کي بالغ سمجهان ٿي ۽ سٺي ۽ خراب کي سڃاڻي چڪي آهيان.

صبا قمر چيو ته ماضي ۾ مون کي بالي ووڊ فلم ”لو آج ڪل“ ۾ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار مليو هو پر مون محسوس ڪيو ته اهو ڪردار ئي هوندو، دپيڪا کان ننڍو ڪردار هجڻ ڪري مون اهو ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

هن چيو ته مان پاڻ کي محب وطن فنڪار سمجهان ٿي، اسان سڀني کي هي ملڪ گهڻين قربانين کانپوءِ مليو آهي، اسان کي پاڻ کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سفير سمجهڻ گهرجي.

سندس اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن فنڪارن کي ڪاسٽ ڪرڻ وقت دوستيون نه نڀايون وڃن ته نتيجا بهتر نڪري سگهن ٿا.

صبا قمر وڌيڪ چيو ته مون کي موقعن جي مناسبت سان لباس پائڻ پسند آهي، گهر ۾ سادگي منهنجي پهرين ترجيح آهي، موڪلن جي ڏينهن ۾ مون کي پڙهڻ جو شوق آهي، وارن ۾ تيل وجهڻ کان پوءِ به ٻاهر ويندي آهيان.

اداڪارا چيو ته مان سيد گهراڻي مان آهيان ۽ منهنجي گهراڻي کي شوبز ۾ انٽري تي سخت اعتراض هو.

Read Previous

ميرپورماٿيلو مقتول عامر حيدراڻي جا قاتل ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج

Read Next

پي سي بي لاهور ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن يوم پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو

Most Popular