ن ليگ جي لانگ مارچ جو نالو ۽ پلان جاري

پاڪستان مسلم ليگ ن لانگ مارچ جو نالو ۽ پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ ن پاران جاري ڪيل مارچ بابت نئين پڌرائي ۾ لانگ مارچ کي ”مهانگائي  ختم ڪيو مارچ“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

ن ليگ جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ن ليگ جو مارچ 24 تاريخ تي ڏينهن جو هڪ وڳي لاهور ماڊل ٽائون مان اسلام آباد لاءِ شروع ٿيندو.

پڌرائي موجب مسلم ليگ ن جو لانگ مارچ 24 مارچ جي رات گوجرانوالا ۾ ترسندو ۽ 18 هنڌن کان بيهندو26 مارچ تي راولپنڊي پهچندو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 25 مارچ تي ن ليگ جي ورڪرز سرائي عالمگير ۾ رات گذاريندا جڏهن ته 26 جي رات ليگي راولپنڊي ۾  گذاريندو.

Read Previous

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

Read Next

عمران خان جانور ڪنهن کي چئي رهيو هو، ٻڌائي ناهي سگهيو: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular