تحريڪ لبيڪ جو ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف مارچ، ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو

تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) پاران ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويو.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان تحت ڪراچي ايئرپورٽ کان قائد اعظم جي مزار تائين مهانگائي خلاف مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽي ايل پي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کانسواءِ پيادل شرڪت ڪئي، جنهن ڪري شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جام رهي ۽ شهرين کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.

مارچ تحريڪ ليبڪ اڳواڻ سعد رضوي جي قيادت ۾ شاهراهه فيصل ۽ شاهراهه قائدين کان ٿيندو قائد اعظم جي مزار خدا داد ڪالوني پهتو.

شرڪت ڪندڙ کي خطاب ۾ سعد رضوي حڪومت ۽ اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان ڪهڙي وات سان چئي ٿو هن اسلام فوبيا لاءِ سڄي دنيا ۾ آواز اٿاريو، جنهن عمران خان کي قوم آخري اميد سمجهندي هئي اهو اڄ گھٽين ۾ گھمي رهيو آهي.

سعد رضوي جو چوڻ هو ته قوم مهانگائي ۾ پيسجي وئي پر اپوزيشن ڪجهه نه ڪيو ۽ اقتدار جي روشني نظر ايندي ئي اپوزيشن گڏ ٿي وئي، هاڻي عمران خان کي وڃڻو پوندو پر ميدان چورن لاءِ خالي نه ٿيندو.

Read Previous

آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

Read Next

حڪومت جون ترين گروپ کي پرچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ا

Most Popular