حڪومت جون ترين گروپ کي پرچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ا

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت ترين گروپ کي پرچائڻ لاءِ پنهنجو مشن تيز ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ هڪ ٻي ملاقات ٿيندي.

پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس ترين گروپ جي نعمان لنگڙيال ۽ عبدالحئي دستي سان ملاقات ڪئي.

حڪومتي ٽيم مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي ته ترين گروپ مائنس عثمان بوزدار جي مطالبي تان هٿ کڻي وڃي.

مراد راس چيو ته ملاقات دوران گروپ جي خدشن، بيوروڪريسي ۽ پوليس خلاف شڪايتن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو.

پنجاب جي تعليم واري وزير وڌيڪ چيو ته ترين گروپ کي سمورن ترقياتي منصوبن لاءِ فوري فنڊ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.

هن چيو ته ملاقات دوران بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سان به رابطو ڪيو ويو.

مراد راس چيو ته ترين گروپ جي ميمبرن پرويز خٽڪ کي وفاقي کاتن جي خدشن کان به آگاهه ڪيو.

هن چيو ته ترين گروپ ۽ حڪومتي ٽيم وچ ۾ 48 ڪلاڪن ۾ ٻي ملاقات جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Read Previous

تحريڪ لبيڪ جو ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف مارچ، ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو

Read Next

بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، آخري ساهه تائين مافيا جو مقابلو ڪنداسين: وزيراعظم

Most Popular