بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، آخري ساهه تائين مافيا جو مقابلو ڪنداسين: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان آخري ساهه تائين مافيا جو مقابلو ڪنداسين، بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿيندي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، اتحادي جماعتن ۽ ميمبرن سان رابطن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب وزيراعظم سان قانوني ٽيم به ملاقات ڪئي، عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت قومي اسيمبلي جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان آخري ساهه تائين مافيا جو مقابلو ڪنداسين، بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿيندي، اپوزيشن جي غلط فهمي آهي ته دٻاءَ ۾ اچي ويندس، 27 مارچ تي عوام ٻڌائيندو ته ڪنهن سان گڏ آهي.

Read Previous

حڪومت جون ترين گروپ کي پرچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ا

Read Next

آسٽريليا جي نمبر ون ٽينس رانديگرياڻي پاران ريٽائرمينٽ جو اعلان

Most Popular