وزيراعظم جي چيني صدر سان ملاقات، سي پيڪ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

وزيراعظم جي چيني صدر شي جن پنگ سان سمر قند ۾ ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ چين جي صدر سان وزيراعطم شهباز شريف جي اها پهرين ملاقات آهي.

چيني صدر وزيراعظم شهباز شريف کي عمليت پسند شخص قرار ڏنو،  چيني صدر چيوته وزيراعظم چين پاڪستان دوستي جي مضبوطي جو عزم رکندڙ اڳواڻ آهي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي وارن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ايندڙ 20 هين سي پي سي قومي ڪانگريس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم چيو ته تنظيم علائقائي سهڪار ۽ يڪجهتي جي جوڳي عملي منصوبي ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ بهترين فورم آهي.

ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جو عزم ڪيو، وزيراعظم سبب متاثر ماڻهن جي وڏي دل ۽ وقت سر مدد تي سندس ٿورا پڻ مڃيا.

وزيراعظم صدر شي جن پنگ سان پنج سپٽمبر تي سيچوان صوبي ۾ آيل زلزلي سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام ان قدرتي آفت دوران چين سان گڏ بيٺل آهي.

وزيراعظم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي سي پيڪ جي تبديلي جي اثرن کي ساراهيو.

ٻنهي اڳواڻن ايم ايل ون ريلوي رٿا جي فريم ورڪ معاهدي جي پروٽوڪول تي صحيح جي آجيان ڪئي، وزيراعظم تائيوان، تبت، سنڪانگ ۽ هانگ ڪانگ سميت بنيادي مفادن جي سمورن مسئلن تي پاڪستان جي چين سان گڏ مستقل ۽ حمايت ڪرڻ جو عزم ورجايو.

وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، ايف اي ٽي ايف، قومي ترقي، ڪورونا وائرس ۽ بين شعبن ۾ سهڪار تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن ۽ وڌيندڙ عدم مساوات جهڙن چئلينجن سان گڏيل قومن جي چارٽر پٽاندڙ سمورن قومن جي سهڪار سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.

وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي اڳواڻن گڏيل مستقبل لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي اڏاوت جو عزم ڪيو، وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.

Read Previous

” اسان جي دور ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، قوم سوال ڪري رهي آهي ته ملڪ خلاف سازش ڪير پيو ڪري ؟ “

Read Next

شاهين سان مبينا خراب ورتاءُ، شاهد آفريدي پي سي بي تي ڪڙڪي پيو

Most Popular