ڪراچي واسڻ معذور ناري نسيم شاهه جي فين، ملاقات جي خواهشمند

ايشيا ڪپ ۾ پهرين ڀارت ۽ وري افغانستان خلاف شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري فاسٽ بالر نسيم شاهه جا پرستار رڳو ملڪ ۾ ئي نه پر ملڪ کان ٻاهر پڻ وڏي انگ ۾ موجود آهن.

ڪراچي سان واسطو رکندڙ انشال پڻ نسيم شاهه جي هڪ اهڙي مداحن شامل آهي جنهن جي خواهش آهي ته هوءَ نسيم شاهه سميت ڪراچي ۾ انگلينڊ خلاف سيريز کيڏندڙ ٻين پاڪستاني رانديگرن سان پڻ ملي سگهي.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي انشال خان جو چوڻ هو ته هوءَ نسيم شاهه جي ڪارڪردگي کانپوءِ سندس تمام وڏي مداح ٿي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو نسيم شاهه سان ملڻ جي خواهشمند آهي.

انشال موجب هوءَ نسيم شاهه کانسواءِ شاداب خان ۽ محمد حسنين سان پڻ ملڻ جي خواهشمند آهي ۽ اميد آهي ته اها خواهش جلد پوري ٿيندي.

Read Previous

پاڪستان کي ڪيئن هارائجي؟ لاهور قلندرز جي بيٽر ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

ڇا پاڪ-ڀارت سيريز ٿيڻ واري آهي؟

Most Popular