عمران، شهباز ڪوڙا آهن: شبر زيدي

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته عمران خان، شهباز شريف، مفتاح اسماعيل سچ ناهن ڳالهائيندا.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته اسان کي مڃڻ گھرجي ته اسان ڏيوالي جو شڪار ٿي چڪا آهيون.

لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي شبر زيدي جو چوڻ هو ته پاڪستان جو دڪان ان طرح نٿو هلي سگھي، ملڪ هيٺ پيو وڃي.

هن چيو ته اهو چوڻ درست ناهي ته اسان جو ڏيوالو ناهي ٿيو، اسان هر سال ٻڙي کان شروعات ڪندا آهيون.

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان جو پهريون مسئلو اهو آهي ته اسان سچ ناهيون ڳالهائيندا، عمران خان، شهباز شريف، مفتاح اسماعيل سچ ناهن ڳالهائنيدا.

سندس چوڻ هو ته مان اڪائونٽ آهيان مونکي نٿو لڳي ڪيئن بچنداسين.

شبر زيدي جو چوڻ هو ته اسان جي، جي ڊي پي 375 ارب ڊالر آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي شرح 10 سيڪڙو آهي.

هن جو چوڻ هو ته مان آخري ماڻهو هئس جنهن عمران خان کي چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو.

شبر زيدي چيو ته هن موجب سي پيڪ منصوبو عمل جوڳو ناهي، پئسا ڪٿان کان ايندا، ڪيئن ايندا، ڪا خبر ناهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جي ٽيڪس ڪليڪشن جو 60 سيڪڙو 400 ٽيڪس پيئر ڏيندو آهي.

هن چيو ته کيس عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ آءِ ايم ايف جي مڪمل سپورٽ هئي، مان ايف بي آر جو مضبوط چيئرمين هئس پر 8 مهينن کانپوءِ فيصلو ڪيو ته ڪم نٿو ڪري سگھان.

Read Previous

ماڻهن جي گم ٿيڻ ۽ سندن لاش ملڻ تي رياست شرمسار آهي: گهرو وزير

Read Next

يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ پيوٽن اهم قدم کڻي سگهي ٿو: ترڪيا صدر

Most Popular