”ايان علي هاڻي اها ناهي رهي“، اداڪارا جو نرالو روپ

پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي ناليواري ماڊل ۽ گلوڪارا ايان علي هاڻي اڳ واري ايان علي ناهي رهي.

اداڪارا پنهنجي وڌيل وزن ۽ دل جي بيماري بابت ٻڌايو آهي.

ايان علي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ سخت ورزش ڪندي نظر اچي رهي آهيايان علي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته بيماري ڪارڊيو مايو پيٿي (دل جي ڪلهن جو سخت هجڻ ۽ دل جي رت کي پمپ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ) ۽ پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر (ذهني بيماري) جي جاچ کانپوءِ منهنجي وزن جو سفر، منهنجو وزن ڪهڙي ريت سٺ ڪلو کان سئو ڪلو تائين وڌي ويو هو ۽ انکانپوءِ مان پنهنجو وزن گهٽائي اٺونجاهه ڪلو تائين واپس ڪري ورتو آهي. مونکي يقين آهي ته مونکي وزن گهٽائڻ جو اهو سفر توهان سڀني جي لاءِ به حوصلا افزائي جو سبب بڻبي..

Read Previous

يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ پيوٽن اهم قدم کڻي سگهي ٿو: ترڪيا صدر

Read Next

ڀارتي فرنچائز کي پي سي بي جي نقل ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

Most Popular