رات جو دير تائين جاڳندڙ موتمار بيمارين کي دعوت ٿا ڏين

رات دير سان ننڊ ڪرڻ بعد سج اڀرندي ئي جاڳڻ واري عادت جو شڪار ماڻهو موتمار بيمارين کي دعوت ڏيندا آهن.

تازي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته دير تائين جاڳندڙ ماڻهو دل جي بيمارين ۽ شگر ٽائپ 2 جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

هڪ نئين تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته رات دير تائين اوجاڳو ڪندڙ ماڻهن جو فٽنيس ليول گهٽ رهيو ۽ آرام ڪندڙ يا ٻين سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ گهٽ سڻڀ ساڙيندڙ آهن.

هڪ رسالي ۾ ڇپجنڙ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته رات اوجاڳو ڪندڙن ۾ انسولين خلاف وڙهڻ جي مزاحمت جو امڪان هوندو آهي، انهن جي مسلز کي وڌيڪ انسولين جي گهرج هوندي آهي جيئن کين گهربل توانائي ملندي رهي.

ماهرن چيو آهي ته انسولين اهو عنصر آهي جيڪو مسلز کي اسفنج جهڙن رت سان گلوڪوز جذب ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسفنج فوري پاڻي جي قطري کي جذب ڪندو آهي، اهڙي طرح جيئن ڪير ورزش نٿو ڪري ۽ مسلز کي حرڪت ۾ نٿو رکي ته ڪجهه وقت ۾ اهو پٿر وانگر ٺوس ٿي ويندو پوءِ پاڻي جا قطرا نرم نه ڪري سگهندا.

ماهرن چيو ته جيئن ننڊ جسم ۾ انسولين جي استعمال ۽ ميٽابولز تي اثر ڪندي آهي ته سير سان سمهڻ وارن کي شگر ٽائپ 2 ۽ دل جون بيماريون ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.

شڪاگو جي ڊاڪٽر چيو ته ان ڳالهه جا واضح ثبوت موجود آهن ته سير سان ننڊ ڪرڻ جو ڳانڍاپو ميٽابولڪ ۽ دل جي بيماري جي خطري سان آهي.

هن ٻڌايو ته ٻيا ڪارڻ ننڊ جي کوٽ، ٻپهر جو دير سان کاڌو کائڻ، صبح جي روشني کان محروم رهڻ انسولين جي حساسيت تي اثرانداز ٿيندا آهن.

هر انسان جي جسم ۾ 24 ڪلاڪن جو گهڙيال هوندو آهي جيڪو ننڊ ڄارائڻ لاءِ ميلاٽونن هارمون جي اخراج کي منظم ڪندي آهي ۽ جاڳائڻ لاءِ ان جي پيداوار روڪيندي آهي.

تحقيق ۾ ثابت ٿيو ته دير سان ننڊ ڪرڻ سبب سڄي ڏينهن جون سرگرميون سست ٿينديون آهن.

Read Previous

ڀارتي فرنچائز کي پي سي بي جي نقل ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

Read Next

صالح پٽ روھڙي کي ملائيندڙ مين روڊ جي ڪري پيل پل 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نه ٺهي سگهي ۔ عوام سخت پريشان

Most Popular