عمران خان ”  حقيقي آزادي“ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڇنڇر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪي توهان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن کين واپس ڌمڪيون ڏئي ٻڌايو ته آئين مونکي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو آهي.

لاهور ۾ وڪيلن جي ڪنونشن جي خطاب ڪندي عمران خان وڪلين کي چيو ته توهان کي هن ملڪ ۾ قانون ۽ حڪمراني لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، مونکي ملڪ جي بهتري لاءِ وڪيلن جي گهرج آهي.

عمران چيو ته جڏهن لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس تڏهن قوم سان گڏ توهان وڪيلن کي به نڪرڻو پوندو، اسان گڏجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي حقيقي آزادي ڏيارينداسين.

هن چيو ته جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي اهو تباهه ٿي ويندو آهي، جڏهن کان پرڏيهي سازش ڪري مخالف اقتدار ۾ آيا آهن، انهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي پنهنجي نوجوان نسل کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته وڏو ڌاڙيل ماريو ڇاڪاڻ ته هتي ننڍو چور پڪڙيو ويندو آهي.

عمران خان حڪمران اتحاد تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پاڻ مٿان نيب ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي ڇڏيا، ايجنسين جن جو ڪم قانون جي حڪمراني قائم ڪرائڻ آهي اهي قانون ٽوڙي رهيون آهن، هن ملڪ ۾ طاقتور سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو اسان پاڪستان کي دُٻڻ مان ڪڍنداسين، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي ضرورت آهي، جيستائين قانون جو نظام ٺيڪ نه ٿيندو معيشٽ درست نه ٿيندي، امير ۽ غريب ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ۾ فرق آهي، غريب ملڪن ۾ قانون ته آهي پر انصاف ناهي جڏهن ته امير ملڪن ۾ قانون جي ئي حڪمراني آهي.

Read Previous

صالح پٽ روھڙي کي ملائيندڙ مين روڊ جي ڪري پيل پل 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نه ٺهي سگهي ۔ عوام سخت پريشان

Read Next

پي ٽي آءِ لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندڙ صوبن خلاف ڪارروائي ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

Most Popular