سُپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ  کي ٻيهر قومي اسيمبلي وڃڻ جو مشورو

جسٽس منيب اختر

قومي اسيمبلي جي استعيفائن جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست تي چيف جسٽس هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ کي اسيمبلي وڃي ڪردار ادا ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

قومي اسيمبلي تان سموريون استعيفائون هڪ ئي وقت منظور ڪرڻ جي پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس هڪ ڀيرو تحريڪ انصاف کي اسيمبلي واپس وڃڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عوام اوهان کي پنج سالن لاءِ چونڊيو آهي، پي ٽي آءِ پارليامنٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پارليامنٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ئي اصل ذميواري آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي ڏنا ته هن وقت ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ٻوڏ متاثرن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، ٻاهرين ملڪ مان ماڻهو مدد لاءِ اچي رهيا آهن، ملڪ جي معاشي حالت به ته ڏسو، پي ٽي آءِ کي اندازو آهي ته 123 سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ ڪيترو خرچ ٿيندو؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قانون جو گهرائي سان جائزو وٺي فيصلو ڏنو آهي، اسپيڪر جي ڪم ۾ مداخلت عدليه لاءِ وڏي ڏُکيائي جو ڪم آهي، استعيفائن جي تصديق تي پروسيجرل مسئلو آهي، پارليامنٽ جو احترام اسان جي ذميواري آهي، ممڪن آهي هڪ ئي وقت استعيفائن سان تحريڪ انصاف کي سياسي فائدو ٿئي، پي ٽي آءِ جي پهرين ذميواري پارليامنٽ ۾ شموليت آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان  رمارڪس ڏنا ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي استعيفائن واري آرڊر تي اسان کان فيصلو نه وٺو، ممڪن آهي ته نئين آيل اسيمبلي اسپيڪر پنهنجي تسلي لاءِ تصديق ڪرڻ چاهيندو هجي، تحريڪ انصاف جي قيادت تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته  تڙ تڪڙ ۾ فيصلا نه ڪن.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري دليل ڏيندي چيو ته قاسم سوري تحريڪ انصاف جون استعيفائون منظور ڪيون هيون، استعيفائن جي  منظوري بعد ٻيهر تصديق نٿي ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ جي بئنچ جي ميمبر جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته تحريڪ انصاف پارٽي طور ڪيئن عدالت اچي سگهي ٿي؟ استعيفيٰ ڏيڻ رڪن جو انفرادي عمل هوندو آهي، چيف جسٽس چيو ته رياست جي معاملن ۾ واضح داري ۽ برداشت سان هلڻو پوندو آهي.

چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مشورو ڏيندي چيو ته جلد بازي نه ڪريو، اوهان کي سوچڻ جو وڌيڪ موقعو ڏئي رهيا آهيون، پارٽي کان هدايتون وٺو.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته من پسند تڪن ۾ چونڊ نٿي ٿي سگهي، شڪور شاد کانسواءِ ڪنهن به رڪن استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ناهي ڪيو، چيف جسٽس چيو ته ڇا اسپيڪر کان ڪڏهن پڇو اٿوَ ته استعيفائن جي تصديق ڇو نه پيو ڪري؟ اسپيڪر جو پنهنجو طريقيڪار آهي اسان ڪيئن مداخلت ڪري سگهون ٿا؟

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هر اداري جي پنهنجي ذميواري هوندي آهي، عام چونڊن لاءِ سڄو نظام هوندو آهي، ننڍي چونڊ ۾ ٽرن آئوٽ به گهٽ هوندو آهي، عدالت فيصل چوڌري کي وڌيڪ تياري لاءِ وقت ڏيندي استعيفائن جي مرحيلوار منظوري خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي عمران خان کان هدايتون وٺڻ جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان معافي وٺي ڇڏي

Read Next

انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپيو اڄ به ڪِري پيو، ڊالر وڌيڪ مهانگو

Most Popular