حديقه ڪياني ٻوڏ متاثرن کي ڀاڪر پائي آٿت ڏيڻ لڳي

ملڪ ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهيءَ کانپوءِ جتي مختلف سماجي تنظيمون متاثرن جي مدد ڪري رهيون آهن، اتي ئي وري ڪجهه شوبز شخصيتون به ان خير جي ڪم ۾ اڳڀريون آهن، جن ۾ ناليواري ڳائڻي حديقه ڪياني پڻ شامل آهي.

حديقه ڪياني تازو ڏکڻ پنجاب جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملي، جنهن جي وڊيو هن ٽوئيٽر تي جاري ڪئي آهي

ناليواري ڳائڻي ڪيپشن ۾ لکيو ته اتي مون کان پڇيو ويو ڪهڙي پارٽي جي نمائندگي ٿي ڪيان، مان واضح ٿي ڪيان ته اهو ڪم هڪ پاڪستاني شهري طور ڪري رهي آهيان.

هن چيو ته سياستدان ناهيان، نه ئي منهنجو ڪنهن پارٽي سان واسطو آهي، اهو منهنجو فرض آهي ته ماڻهن جي مدد ۾ پنهنجو حصو وجهان.

.

Read Previous

مونکي ملڪ جي عدليا سان جنگ ناهي ڪرڻي: عمران خان

Read Next

بنگلاديشي ڪپتان قومي ٽيم بدران پئسن کي اهميت ڏيڻ لڳو، اهم دوري کان انڪار ڪري ڇڏيائين

Most Popular