وزيراعظم هائوس جي اجلاس جي آڊيو ليڪ، سيڪيورٽي تي سوال اٿي ويا

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ن ليگ اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جي اجلاس جي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي.

مبينا آڊيو ۾ وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق سميت ٻين اڳواڻن جو آواز اچي رهيو آهي.

ليگ ٿيندڙ آڊيو ۾ مبينا طور ليگي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير پي ٽي آءِ جي استعيفائن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن.

مبينا آڊيو ليڪ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري تي وفاقي وزير مختلف راءِ ڏئي رهيا آهن، ليڪ آڊيو ۾ استعيفائن جي منظوري لاءِ لنڊن مان اجازت وٺڻ جو به ذڪر ٿي رهيو آهي.

وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي جي سوال اٿي ويا آهن ته ڇا وزيراعظم هائوس ايترو غير محفوظ آهي جو اتي ٿيندڙ گفتگو ٻئي هنڌ ٻڌي سگهجي ٿي؟

اهو سوال به اٿي رهيو آهي ته آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڇا وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي جي معاملي تي ڪو اجلاس ٿي سگهي ٿو؟

اهو به چيو پيو وڃي ته ڇا حڪومت ۽ وزيراعظم پاليسي سازي لاءِ ان ڪئميرا اجلاس ڪري مطمئن ٿي سگهي ٿو؟

اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ڇا وزيراعظم هائوس ۾ اهڙو ڳجهو رڪارڊنگ سسٽم لڳل آهي، جنهن جو حڪومتي ميمبرن کي به علم ناهي؟

Read Previous

مبينا آڊيو ٽيپ سان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جي ناٺي به پئسو ٺاهيو آهي: عمران خان

Read Next

آڊيو ليڪ معاملي تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

Most Popular